| ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثرن کي گھر خالي لاءِ آخري نوٽيس، اجھا بچائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاج |
اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ وروائي جي ڪولھي پاڙي جي رھواسين کي سائينو سنڌ ڪمپني جي درخواست تي روينيو کاتي گھر خالي ڪرڻ لاءِ آخري نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، گھر خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ گھر ڊاھي بلڊوز ڪرڻ جي وارننگ ڏني وئي آھي، اھڙي نوٽيس ليٽر ملڻ بعد ڳوٺاڻن پونجو ڪولھي،کيتو ڪولھي،نھالو ڪولھي ۽ ڏاھيو ڪولھي پريس ڪلب اسلام ڪوٽ پھچي ڪمپني خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي،احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان بلاڪ ون جا متاثرين آھيون،اسان جا 20 گھر مائيننگ ايريا ۾ اچن ٿا،سائينو سنڌ ڪمپني اسان کي گھرن جو صرف اڌ معاوضو ڏنو آھي باقي رھيل معاوضو ڏيڻ بدران اسان کي لڏي وڃڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرائي رھي آھي،ھنن چيو ته اسان کي اڳ ۾ في گھر جا 21-21 لک مليا آھن پر ٽوٽل في گھر جو معاوضو 42 لک ٿئي ٿو،ڪمپني ٻين کي 42-42 لک في گھر عيوض ڏنا آھن ۽ اسان کي اڌ رقم ڏني وئي آھي،اسين غريب مسڪين آھيون ڪير سپورٽ ڪرڻ وارو ناھي انھي ڪري ڪمپني ۽ انتظاميا اسان سان ظلم ڪري رھي آھي،اسان جي مڪمل تار ھڻي بند ڪيو ويو آھي،اي سي ۽ مختيارڪار آفيس ليٽر جاري ٿيو آھي ته ھڪ ھفتي اندر گھر خالي ڪري وڃو نه ته ٻي صورت ۾ بنا دير توھان جا گھر ڊاٿا ويندا ۽ قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي،اسان سان سراسر ناانصافي ٿي رهي آهي،سائينو سنڌ ڪمپني روزگار ۽ مڪمل معاوضو ڏيڻ بدران ڏاڍ ذريعي نپوڙڻ چاھي ٿي، اسين مطالبو ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي اسان کي مڪمل معاوضو ۽ روزگار ڏنو وڃي،