ٿر جا ڇٽل ڪارتوس پ پ ۾ شموليت جا خواب پيا ڏسن: ارباب امان الله

ٿر جا ڇٽل ڪارتوس پ پ ۾ شموليت جا خواب پيا ڏسن: ارباب امان الله

مٺي (رپورٽر) پ پ پ قيادت عوام لاء عظيم قربانيون ڏنيون آھن۔   شھيد بي نظير ڀٽو جي  ورسي ۾ بدين ۽ ٿرپارڪر سميت سڄي سنڌ مان لکين ماڻھن جي شرڪت عوام جي غير مشروط محبت جو ثبوت آھي، اهڙن خيالن جو اظهار پ پ پ ايم پي اي ارباب امير امان الله ڊو ڍارو فارم تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعا پ پ پ جا مضبوط قلعا بڻجي چڪا آھن اهوئي سبب هو جو  27 ڊسمبر تي هر عام ٽرانسپورٽ  ۽  عوام جي هر وک ڳڙھي خدابخش ڏانهن هئي، مخالف پنهنجي سياسي موت مري چڪا آھن۔  جيڪي پاڻ کي سياسي طور زنده رکڻ لاء پ پ پ ۾ شموليت جون افواهون  ڦھلائي رهيا  آھن پارٽي وٽ سندن ڪابه گنجائش ناهي، جيڪي چوندا هئا اسان جي جسم تي پاتل قميص به آصف علي زرداري جي آھي انهن بعد ۾ پارٽي قيادت خلاف  گهٽيا زبان استعمال ڪري ناقابل برداشت غداري ڪئي اهڙن مدي خارج ۽ احسان فراموشن جي پارٽي ۾ ڪابه گنجائش ڪونهي،هن چيو ته مرزا سميت ٿر جا  ڇٽل ڪارتوس پاڻ کي سياسي طور زندھ رکڻ لاء پ پ پ ۾ شموليت جون ڪوڙيون افواهون  ھلائي رھيا آھن جن ۾ ڪا به صداقت ناھي جيڪي ماڻھو هر پنجين مهيني پارٽي بدلائين ٿا۔  انهن کي عوام مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آھي۔ اهي هاڻي صرف پ پ پ ۾ شموليت جا خواب ڏسي سگهن ٿا پر حقيقت سان اهڙين ڳالهين جو ڪوبه تعلق ڪونهي.