| ٿر ريلوي منصوبي بابت شڪايتون: ڪميٽي پهچي وئي، مسئلن کان آگاهي |
عمرڪوٽ/نيوڇور (نمائندن وٽان) ٿر ريلوي منصوبي سبب متاثر ڳوٺن جي مسئلن بابت ڪميٽي عمرڪوٽ ضلعي جو دورو ڪيو. اڳوڻو وائيس چيئرمين ٿرپارڪر ۽ موجوده ميمبر ٿرڪول پروجيڪٽ ڪنور ڪرني سنگهه سوڍا جي نشاندهي تي شڪايتن جي ازالي لاءِ جوڙيل ڪميٽي زميني صورتحال جو جائزو ورتو،ڪنور ڪرني سنگهه سوڍا پاران اٿاريل عوامي خدشن کانپوءِ سنڌ حڪومت جي توانائي کاتي ٿر ريل ڪنڪٽيوٽي منصوبي جيڪو نيوڇور کان اسلام ڪوٽ ريلوي ٽريڪ سبب متاثر ٿيندڙ آبادي جي مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن 5 مارچ تي ضلعي عمرڪوٽ جي مختلف علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو، سنڌ ڪول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جنيد احمد جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي دوري دوران مجوزه ريلوي ٽريڪ جي الائنمينٽ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن بابت لاڳاپيل هنڌن جو معائنو ڪيو، دوري دوران منصوبي جي عملدارن، ڪنسلٽنٽن ۽ اي پي سي ڪنٽريڪٽر پاران ريلوي منصوبي جي اڳڀرائي ۽ مقامي آبادي کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي.