مٺيءَ ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جي نئين ڪيمپس ٿر انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ خلاف خاص مهم هلائي پئي وڃي ته اختيار اسلام آباد کي ڏنا وڃن، ڪجهه قوتون سنڌ جي حقن ۽ وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ چاهين ٿيون، سازش تحت بهانو ٺاهيو پيو وڃي ته سنڌ سرڪار ڪجهه نه ڪيو آهي، 18ھين ترميم تحت ڏنل اختيار واپس وٺڻ چاهين ٿا، ٿر ۾ ايترو ڪوئلو آهي جيترو سعودي وٽ تيل. ڪوڙو بيانيو ٺاهيندڙ قوتن لاءِ بهترين جواب ٿرپارڪر آهي. هڪ رٿا نه رڳو ٿر ۾ معاشي انقلاب آندو پر فيصل آباد کي به معاشي فائدو ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ڪوئلي سان، معاشي انقلاب سان گڏ سماجي انقلاب به ڏسڻ ۾ آيو آهي.
ان ڳالهه ۾ ذري برابر به شڪ نه آهي ته وفاق ۾ ويٺل قوتون سنڌ خلاف گھاٽ گھڙينديون رھن ٿيون. آھي نه صرف سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿيون پر ھر اختيار پاڻ وٽ رکڻ جون خواهشمند آھن. آھي قوتون ڪڏهن سنڌ تي اسلام آباد مان ڪو وائسراءِ (گورنر) مڙھي اختيار ۽ اقتدار جي مھار پنھنجي ھٿ وس رکڻ چاھين ٿيون ته ڪڏهن ارڙهين آئيني ترميم واپس وٺڻ لاءِ منصوبا جوڙينديون رھن ٿيون. انھن جو سنڌ سان وير لڪل نه آهن، پر پ پ کي اھو سڀ ڪجھه ان وقت نظر ايندو آهي، جڏهن ان جا وفاقي حڪومت سان ڪنھن معاملي تي اختلاف پيدا ٿيندا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي، ٻين سياسي ڌرين وانگر وقت بوقت سنڌ ڪارڊ کي استعمال ڪندي رهي آهي. خاص طور تي جڏهن وفاقي حڪومت سان لاڳاپن ۾ تڪرار پيدا ٿين ٿا، يا جڏهن اقتدار جي ورهاست واري فارمولي تي عمل نه ٿو ٿئي، تڏهن پي پي پي سنڌ جي حقن جي ڳالهه کي سياسي دٻاءُ جي اوزار طور استعمال ڪري ٿي. سنڌ اول ۽ آخر ھجڻ گھرجي. اهڙي سياست جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته اصل مسئلا پس منظر ۾ هليا وڃن ٿا، جڏهن ته جذباتي نعرا اڳتي اچي وڃن ٿا.
بلاول ڀٽو زرداري جي بيان موجب ٿر ۾ موجود ڪوئلي جا ذخيرا مقدار ۾ سعودي عرب جي تيل جي ذخيرن جيترا آهن، پر اصل سوال اهو آهي ته انهن قدرتي وسيلن مان نه سنڌ کي مجموعي طور نه ڪو فائدو مليو آهي ۽ نه ئي خاص طور ٿر جي عوام کي. اھا حقيقت رڳو اقتصادي ناانصافي نه، پر وسيلن جي ورڇ بابت رياستي پاليسين تي به سنجيده سوال اٿاري ٿي. ٿر جي ڪوئلي مان جيڪا بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي، اها سڌي طرح فيصل آباد جهڙن صنعتي شهرن ڏانهن منتقل ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ٿر جا ڳوٺ ۽ شهر اڄ به بجليءَ کان محروم آهن. جتي قدرتي وسيلن مان ترقي جو سفر شروع ٿيڻ گهرجي ها، اتي اڃا تائين اونداهيون، غربت ۽ بيروزگاري موجود آهي. مقامي نوجوانن کي نه روزگار جا موقعا ڏنا ويا آهن ۽ نه ئي کين فني مهارتون سيکارڻ لاءِ سنجيده قدم کنيا ويا آهن، پنھنجي اقتدار جي ارڙھن سالن بعد سنڌ جي حڪمران جماعت کي ٿر ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪئمپس جي ضرورت محسوس ٿي آھي. باقي جيتريقدر ڪوئلي سان ٿر کي “جنت نظير” بنائڻ جھڙي دعوا جو تعلق آهي ته ڪوئلي جي کوٽائي ۽ ان سان لاڳاپيل منصوبن سبب ٿر جي ماحولياتي نظام کي سخت نقصان پهتو آهي. زمين جي سطح تبديل ٿي رهي آهي، پاڻي جا قدرتي ذخيرا متاثر ٿيا آهن ۽ هوا ۾ گدلاڻ وڌي رهي آهي. ان جو سڌو اثر مقامي ماڻهن جي صحت تي پئجي رهيو آهي، جتي مختلف بيماريون عام ٿي رهيون آهن، خاص طور ساھ جون بيماريون ۽ چمڙي جا مسئلا. هي سڀ ڪجهه ان ترقيءَ جي نالي ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن جا فائدا مقامي ماڻهن تائين پهچي ئي ناهن رهيا. وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ٿر ۾ وڄ ڪرڻ (Lightning Strikes) جي واقعن ۾ به اضافو ڏٺو ويو آهي، جنهن کي ماهر ماحولياتي تبديلي ۽ انساني مداخلت سان جوڙي رهيا آهن. جيڪڏهن اهي دعوائون درست آهن ته پوءِ اهو خطرو مستقبل ۾ وڌيڪ انساني جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن ترقي صرف ڪجهه علائقن يا مخصوص طبقي تائين محدود رهي، ته اها ترقي نه پر ناانصافي سڏبي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٿر جي وسيلن تي سڀ کان پهرين ٿر جي ماڻهن جو حق تسليم ڪيو وڃي، کين بجلي، روزگار، صحت ۽ تعليم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ۽ ماحولياتي تحفظ کي ترقيءَ جي پاليسي جو بنيادي حصو بڻايو وڃي. ٻي صورت ۾، اهڙي ترقي تاريخ ۾ استحصال طور ياد رکي ويندي.