مٺي(رپورٽ: ممتاز نهڙيو) ٿر جي تاريخ جو ڄاڻو ۽ سڄي ٿر کي فنگر ٽپس تي ياد رکندڙ منفرد ڪردار ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو
ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي کي دل جو دورو پوڻ سبب مٺي جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي سندس ساھه جو سڳو ٽٽي پيو، ڊاڪٽر اشوڪ جي وڇوڙي جو ٻڌي وڏي انگ ۾ شھري اسپتال پهچي ويا
ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي هن وقت ٿر ڪول بلاڪ 2 تي ڪم ڪندڙ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۾ اهم عهدي تي نوڪري ڪندو هو کيس ماضي ۾ سياسي طور جيئي سنڌ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي سان سلهاڙيل رهيو، ڊاڪٽر اشوڪ ٿر جي تاريخ جو نه رڳو ڄاڻو پر ياد حافظ ھو
ڊاڪٽر اشوڪ جون آخري رسمون مٺي ۾ ادا ڪيون وينديون، سندس مڙھ اسپتال کان سندس گهر منتقل ڪيو پيو وڃي