ٿر ڪول مان يوريا ۽ امونيا ڀاڻ ٺاهڻ جو فيصلو: ماحولياتي ۽ پاڻي منصوبن تي اعتراض

ٿر ڪول مان يوريا ۽ امونيا ڀاڻ ٺاهڻ جو فيصلو: ماحولياتي ۽ پاڻي منصوبن تي اعتراض

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صدر آصف زرداري جي تازي چين جي دوري کانپوءِ طئه  ٿيل يادداشتن (ایم او يوز) جو جائزو ورتو ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي قدمن تي غور ڪيو. اجلاس جو مقصد مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي ذريعي وقت تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ هو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ هن چيو ته چيني تعاون سنڌ جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ، صنعتي صلاحيت وڌائڻ ۽ سماجي و اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو هڪ اهم موقعو آهي. هن هدايت ڪئي ته سمورا کاتا رڪاوٽون ختم ڪن ۽ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائين. سندن چوڻ هو ته اهي ايم او يوز ڪاغذن تائين محدود نه رهڻ گهرجن، اسان کي واضح ٽائم لائنز ۽ جوابداري سان عملي اڳڀرائي گهرجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته هر منصوبي جي نگراني لاءِ هڪ فوڪل ميڪنزم جوڙيو وڃي، اڳڀرائي رپورٽ وزيراعليٰ آفيس کي پيش ڪئي وڃي، هوڏانهن  فائر سيفٽي ۽ ايمرجنسي سروسز جي حوالي سان اجلاس ۾ چيني ڪمپنين سان جديد فائر فائٽنگ اوزارن ، فائر ٽرڪس، ايمرجنسي رسپانس سسٽمز ۽ فائر اسٽيشنن جي قيام جي تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي، گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ معاهدي تي ڪم جاري آهي. هن مڪاني کاتي کي هدايت ڪئي ته معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي. اجلاس ۾ ٿر ۾ ڪوئلي مان گئس ۽ يوريا جي پيداوار جي منصوبي تي پڻ غور ڪيو ويو، انهي  رٿا هيٺ ٿر جي ڪوئلي مان امونيا ۽ يوريا تيار ڪئي ويندي. رٿا جي فيزيبلٽي اسٽڊيز مئي 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. وزيراعليٰ منصوبي کي توانائي جي تحفظ ۽ زرعي استحڪام لاءِ اهم قرار ڏنو. لائيو اسٽاڪ ٽريڪ اينڊ ٽريس منصوبي تحت جديد چوپائي مال جي رجسٽريشن، ويڪسينشن پروگرامن ۽ بيمارين جي سڃاڻپ جي مرڪزن جي قيام تي پڻ غور ڪيو ويو. وڏي وزير ان منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ڏني. اجلاس ۾ماحولياتي تعاون ۽ پاڻي جي منصوبن جي حوالي سان ڪجهه تجويزن کي فني۽ مالي بنيادن تي غير مؤثر قرار ڏنو ويو وزيراعليٰ عمل جوڳي ۽ گهٽ خرچ واري حل کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي. زراعت ۽ غذائي تحفظ لاءِ ڪنٽرولڊ ايگريڪلچر سائنس اينڊ ايجوڪيشن پارڪ جي قيام جي تجويز پڻ غور هيٺ آئي جنهن تي وزيراعليٰ چيني ڀائيوارن سان رابطو وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ٽائر ري سائيڪلنگ منصوبي تحت پلاسٽڪ ۽ رٻڙ ري سائيڪلنگ سهولت جي قيام تي پڻ غور ڪيو ويو جنهن کي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. وڏي وزير لاڳاپيل مسئلا جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.