ٿر ۾ برسات بعد ماروئڙا خوش، کنوڻ ڪرڻ سبب 18 ٻڪريون مري ويون

ٿر ۾ برسات بعد ماروئڙا خوش، کنوڻ ڪرڻ سبب 18 ٻڪريون مري ويون

ننگرپارڪر/ڇاڇرو (نمائندن وٽان) ننگرپارڪر ڀرسان برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب پورهيت جون 18 ٻڪريون مري ويون. ننگرپارڪر سميت مختلف علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان هلڪي برسات جو وسڪارو ٿيو. ننگرپار ڳوٺ تڙدوس ۾ گذريل رات دير سان برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب پورهيت کاڪو ڀيل جون 18 ٻڪريون مري ويون.گذريل رات کان شروع ٿيل هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو جڏهن ته ننگرپارڪر شهر ۾ 13 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي ايندڙ 72 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي مختلف علائقن ۾ ساوڻي جي پهرين برسات پوڻ سان ٿر واسين جي مرجهايل چهري تي مرڪون موٽي آيون.   مبارڪ رند، گوراڙو رند، سمون رند، تڙدوس، ساڪريو ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن سميت ڏاهلي تعلقي جي کينسر شهر، نوراڻي، کيمي جو پار، ڪيتار ۽ ٻين علائقن ۾ برسات وسڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي،  ريگستاني علائقن ۾ سرسبزي جي اميد پيدا ٿي وئي،تازي برسات سان ماروئڙن ۾ نئين اميد جاڳي آهي ته ٿر هڪ ڀيرو ٻيهر سرسبز ٿيندو