ڇاڇرو (رپورٽر) ٿر جي علائقن ۾ تازو برساتن کانپوءِ نانگ بلائون نڪري آيون، بلائن جا ڪکيل وڌيڪ 11 ماڻهو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن
ڪکيل مريضن ۾ 50 ورهين جي سڪينا زال منظور،25 ورهين جو جمن نهڙي،23 سالن جو پرڀو ڀيل،45 سالن جو حاڪم،کيتو، ڏونگرو،گل محمد،دوست محمد،سريش ميگھواڙ ۽ ٻيا شامل آهن
ڇاڇرو ۽ ڀرپاسي ٽن ڏينهن ۾ نانگ بلائن جي ڪکيل مريضن جو انگ 25 ٿي ويو آهي، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، اسپتال انتظاميا موجب بلائن جي ڪکيل مريضن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي