فطرت جو اوپن ميوزيم ٿر، جيڪو ڪڏهن قدرتي حسن، امن ۽ جهنگلي جيوت جي جنت سڏبو هو، اڄ بي رحم شڪارين، ڪرپٽ عملدارن ۽ بي حس حڪمرانن جي ڪري قبرستان بڻجندو پيو وڃي. غيرقانوني شڪار تي پابندي رڳو فائيلن ۽ بيانن تائين محدود آهي، جڏهن ته هرڻن جو ڪوس بي ڌڙڪ جاري آهي. هي رڳو شڪار نه، پر هڪ منظم قتلِ عام آهي، جيڪو رياستي سرپرستي هيٺ ٿي رهيو آهي. ميڊيا رپورٽن باوجود ناياب هرڻن جي نسل ڪشي جاري آهي.
ٿر ۾ هرڻن جي غيرقانوني شڪار پٺيان عام ماڻهو نه، پر طاقتور ڌريون آهن. وڏيرا، اثر رسوخ وارا ماڻهو ۽ سندن مهمان شڪار کي تفريح سمجهن ٿا، جڏهن ته وائلڊ لائيف کاتي جا اهلڪار انهن جا نوڪر بڻيل نظر اچن ٿا. جيڪي اهلڪار قانون جا محافظ ٿيڻ گهرجن ها، اهي ئي قانون جا سڀ کان وڏا دشمن بڻجي چڪا آهن. هي نااهلي نه، پر قانون جي کلي لتاڙ آهي. سوال اهو آهي ته جڏهن وائلڊ لائيف کاتي جا ملازم پاڻ هرڻن جي شڪار ۾ ملوث هجن، ته پوءِ قانون جو ڪهڙو احترام باقي رهي ٿو؟ اهي اهلڪار رياست کان پگهار وٺي فطرت جا سودا ڪن ٿا. اختيار ۽ قانون سڀ ڪجهه چند سڪن، دعوتن ۽ رشوت جي عيوض وڪرو ڪيو پيو وڃي. وائلڊ لائف کاتي ۾ سزا جو نظام به هڪ مذاق بڻيل آهي. شڪار پڪڙجڻ بعد ڏنڊ، سفارش يا سياسي دٻاءَ ذريعي ڏوهاري آزاد ٿي وڃن ٿا. معمولي سزائون اهڙن ڏوهن کي روڪڻ بدران وڌيڪ ھشي ڏين ٿيون. جڏهن ڏوهه جي سزا گهٽ هوندي ته ڏوهه وڌندو ئي رهندو. رياست جي هيءَ نرمي اصل ۾ “قاتلن” جي حمايت آهي.
هرڻ ٿر جي سڃاڻپ آهن. انهن جو وجود ماحولياتي توازن سان جڙيل آهي. هرڻن جي نسل گهٽجڻ سان رڳو فطرت جو حسن نه، پر سڄو قدرتي نظام متاثر ٿئي ٿو. پر افسوس جو حڪمرانن کي نه فطرت جي پرواهه آهي، نه مستقبل جي. سندن ترجيحات ۾ رڳو اقتدار، مفاد ۽ خاموشي شامل آهي.غيرقانوني شڪار ناياب جهنگلي جيوت لاءِ وڏو خطرو آهي. اهڙو شڪار نه رڳو فطري توازن کي بگاڙي ٿو، پر ايندڙ نسلن کي به هن قدرتي ورثي کان محروم ڪري ٿو. ڪيترائي جانور ۽ پکي، جيڪي اڳ ۾ ئي گهٽ تعداد ۾ موجود آهن، غيرقانوني شڪار سبب مڪمل ختم ٿيڻ جي ڪناري تي پهچي وڃن ٿا. قانون موجب ناياب جهنگلي جيوت جو شڪار، پڪڙڻ، مارڻ، زخمي ڪرڻ، وڪرو ڪرڻ يا انهن جي کل، هڏن يا ٻين حصن جو واپار ڪرڻ سخت ڏوهه آهي. جهنگلي جيوت جي قانونن تحت اهڙن ڏوهن لاءِ ڏنڊ، قيد يا ٻئي سزائون مقرر ڪيل آهن. ان کان علاوه، شڪار ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار، گاڏيون يا ٻيو سامان به ضبط ڪري سگهجي ٿو. قانون جو مقصد صرف سزا ڏيڻ نه، پر جهنگلي جيوت جي حفاظت، انهن جي رهائش جي بچاءَ ۽ ماحولياتي توازن کي برقرار رکڻ آهي. حڪومت سان گڏ عام شهرين جي به ذميواري آهي ته هو غيرقانوني شڪار جي مخالفت ڪن، اهڙين سرگرمين جو اطلاع لاڳاپيل ادارن کي ڏين، ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ بابت شعور وڌائين. ناياب جهنگلي جيوت جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. قانون جي پابندي ۽ فطرت سان هم آهنگي ئي هڪ صحتمند ۽ محفوظ ماحول جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لفظن بدران عمل ڪيو وڃي. سڀ کان پهرين وائلڊ لائيف کاتي جو بي رحم احتساب ضروري آهي. جيڪي اهلڪار غيرقانوني شڪار ۾ ملوث آهن، تن کي فوري طور نوڪري مان برطرف وڃي. اهڙن ماڻهن کي مثال بڻايو وڃي ته جيئن ٻيهر ڪو فطرت تي هٿ وجهڻ جي همت نه ڪري. ٻيو، ناياب جهنگلي جيوت جي شڪار لاءِ قانون کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي. هرڻ يا ڪنهن به محفوظ جانور جي شڪار تي ڊگهو قيد، وڏو ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي. سياسي سفارش ۽ اثر رسوخ کي قانون کان مٿانهون ٿيڻ نه ڏنو وڃي. جيڪڏهن قانون امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ آهي، ته پوءِ ان قانون جو ڪو اخلاقی وزن ناهي. ٽيون، ٿر جي مقامي ماڻهن کي تحفظ وارن اپائن جو حصو بڻايو وڃي. مقامي آبادي کي اختيار، سهولتون ۽ ترغيب ڏني وڃي ته هو هرڻن جي حفاظت ڪن. جڏهن مقامي ماڻهو پاڻ محافظ بڻجندا، تڏهن ئي شڪارين جا هٿ روڪيا ويندا. ميڊيا ۽ سماجي ادارن ذريعي ماحولياتي شعور پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.