ٿر ۾ وسڪارو، مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت، ڪارونجهر مان نيون وهي آيون، مري جهڙو منظر

ٿر ۾ وسڪارو، مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت، ڪارونجهر مان نيون وهي آيون، مري جهڙو منظر

ننگرپارڪر /عمرڪوٽ/ڪنري/ڍورو نارو/بودرفارم (نمائندن وٽان) ٿر جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري جو ڪالهه به وقفي وقفي سان جاري رهيو، مختلف حادثن ۽ واقعن  ۾ 3 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا، ننگرپارڪر  ۽ ڀرپاسي ۾ گجگوڙ سان تيز برسات جو 24 ڪلاڪ  جاري رهيو، ڪارونجهر جبل مان  نيون وهي آيون، برسات بعد ڪارونجهر جبل مان  گوڙڌڙو ، راڻاسر ، گهرٽياري ، پورڻ واه ۽ ٻيون نيون وهي آيون، موسم خوشگوار ٿي وئي. جڏهن ته ننگرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جاري رهي . ٻي طرف ڳوٺ واڌڙائي ڀرسان برساتي نديءَ جي وهڪري مان 45 ورهين جي لڇمڻ ڪولهي جو لاش هٿ آيو.وارثن موجب لڇمڻ گذريل رات گهران برساتي نديءَ جو وهڪرو ڏسڻ لاءِ نڪتو هو، صبح جو سندس لاش ندي مان مليو.جڏهن ته ننگرپارڪر ۾ گذريل رات 85 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. برسات کان پوءِ ٿر جي مارو ماڻهن جون رونقون موٽي آيون  ۽ فطرتي منظر ڏسڻ لاء سياح پهچي ويا آهن . جڏهن ته ننگرپارڪر کان چوڙيو روڊ ٽٽڻ سبب سياح  وڏي انگ ۾ ڦاٿل آهن . ڪنري ڀرسان ڳوٺ ولي محمد آرائين ۾ برسات دوران کنوڻ ڪري پئي کنوڻ ڪرڻ سبب گهر جي اڱڻ ۾ راند ڪندڙ 4 سالن جو ٻار ونود پٽ چمن ڪولھي فوت ٿي ويو جڏهن ته واقعي ۾ 7 ورھين جو دليپ پٽ چمن ڪولھي زخمي ٿي پيو فوتي جو مڙھ ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال نيو ويو ڊاڪٽرن پاران ھڪ ٻار جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي واقعي بعد فوتي ٻارڙي جي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو، ڍورونارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو پهريون وسڪارو شام کان پوءِ رات جي وقت تائين جاري رهيو جنهن سبب موسم زبردست ٿي وئي، هوڏانهن ڳوٺ ڪيرلو ۾ ٽي ٻار پنهنجي گهر ڀرسان برساتي پاڻي سان ڀريل هڪ کڏي جي ويجهو راند ڪري رهيا هئا ته اوچتو پير ترڪڻ سبب پاڻي ۾ ڪري پيا واقعي جي نتيجي ۾ 8 ورهين جو ثناءُ الله پاڻي ۾ ٻڏي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته علائقي واسين بروقت 12 ورهين جي راشد ۽ 3 ورهين جي اسد کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي بچائي ورتو ٻنهي ٻارن کي فوري طور ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو