دنيا ايڏي تيز ٿي وئي آهي يا اسان جهڙن خطن مان اعليٰ قدر، سخت محنت، پنهنجي شعبي ۾ غيرمعمولي ڪارناما سرانجام ڏيڻ جهڙا جذبا جهڙوڪر ناپيد ٿيندا پيا وڃن. بس رڳو پيسو کپي ۽ رات پيٽ ۾ وڌ کان وڌ امير ڪيئن ٿجي. سڄي اخلاقيات وڃي کڏ ۾ پئي، سڀ سياسي، سماجي، نجي ۽ انساني قدر دوکو ۽ فريب آهن. جيڪڏهن ڪا ازلي ۽ ابدي حقيقت آهي ته بس پيسو ٺاهڻ ۽ جلد کان جلد امير ٿيڻ، تنهن ڪري ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ليڪا لتاڙڻ جائز آهن. علم، قابليت، ڏاهپ ۽ دانشمندي اها آهي ته سماج ۾ وڏي ماڻهوءَ جهڙو ڍونگ ڪري پاڻ کي هڪ وڏو عالم، داناءَ، محقق، اسڪالر، شاعر، نثرنويس ۽ صحافي وغيره سڏائي پوءِ ويهي ادارن ۾ ڌڙا هڻو. هڪ روپئي کان وٺي ڪروڙن تائين ڪجهه به نه ڇڏيو. يعني سفيد پوش ڌاڙيل. خيرن سان هاڻي اهڙا سفيد پوش ڌاڙيل اسان جي عام ادارن ۽ شعبن ۾ ڪاهي پيا آهن. هاڻي ته ائين ٿو لڳي ته شايد اهو به ڪو دور هو جو سنڌ جا ڪيترا عالم، پروفيسر، استاد، ڪامورا، جج، وڪيل، محقق، شاعر، نثر نويس، صحافي وغيره پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ رهي ڪري هڪ مثالي ۽ غيرمعمولي ڪارناما سرانجام ڏئي ڄڻ پنهنجي دور جي هڪ الڳ تاريخ لکي هليا ويا ۽ هاڻي هن دور ۾ تقريبن هر شعبي ۾ اڪثر جڳاڙي ۽ ڪرپٽ شخص ويٺا آهن ۽ ائين ٿو لڳي ته جتي ڪٿي جڳاڙين پنهنجو پنهنجو هڪ الڳ جهان جوڙي ڇڏيو آهي.
اڳي اڪثر استادن ۽ پروفيسرن جي پنهنجي پيشي سان سچائي هوندي هئي ۽ اهي پڙهائڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم ڪندا هئا پر هاڻ اڪثريت انهن پروفيسرن ۽ استادن جي آهي، جيڪي پڙهائڻ کان ڪوهين پري، ڪنهن سڻڀي ۽ صفا آسائش ۽ عياشي واري عهدي کي حاصل ڪرڻ جي پويان هڪڙي قسم جي ڊوڙ ۾ لڳا پيا آهن ۽ سڄو ڏينهن مال ڪيئن ميڙجي، ڪهڙا ڪهڙا طريقا اختيار ڪجن جو جلدي ۾ وڌ کان وڌ ڪرپشن ڪري مال ميڙجي! ڪهڙي وزير صاحب يا ڪهڙي حڪومت جي نمائندي جو ڪمدار ٿي مال ڪمائجي! ڪهڙي وزير ۽ مشير جي شان ۾ قصيدا چئي ڪنهن اداري جي چيئرمين شپ وٺجي. ڪنهن ايجنٽ کي ڳولي ان کي پيسا ڏئي ڪا وڏي سيٽ هٿ ڪجي ۽ پوءِ ان کي مال غنيمت ڪري لٽجي! اڳي ڪامورا آئين ۽ قانون تي غيرمعمولي طرح عمل ڪري مثالي ڪارناما سرانجام ڏيندا هئا ۽ اڄ جا ڪامورا وڏن صاحبن جا ڪمدار لڳا پيا آهن ۽ انهن جي ڪمداري ڪندي فخر محسوس ڪن ٿا. پگهار عوام جي ٽيڪس مان کڻندا پر سڄو ڏينهن وڏن صاحبن جي آفيس يا اوطاق تي درٻاري ٿيو پيا هلندا. ان انتهائي ڪريل عمل جي پويان صرف هڪڙو مقصد هوندو ته بس فلاڻي عهدي تي ترقي ملي، يا فلاڻو کاتو ملي يا فلاڻو ضلعو ملي ته پوءِ ويهي مال تي ڌاڙو هڻجي! ائين ڪنهن به شعبي ۾ مهارت رکندڙ محقق پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ هڪڙا تاريخي، علمي، فڪري ۽ محققاڻا ۽ عالماڻا ڪم ڪري صدين تائين ايندڙ عالمن ۽ علم دوست ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندا هئا ۽ هاڻي پيسن تي يا جڳاڙي قسم جون تحريرون يا نالي ماتر ڪجهه پنا ڪارا ڪري پاڻ کي پاڻ جهڙن جڳاڙين کان تعريفن ۽ اعليٰ علمي حاصلاتن جا سرٽيفڪيٽ وٺي انهن کي ڪيش ڪرائڻ جي چڪر ۾ هڪڙي سرڪاري عملدار يا وزير کان ٻئي وزير تائين يا هڪڙي حڪومت کان وٺي وري ٻئي حڪومت تائين مال ميڙڻ ۽ مراعتون وٺڻ ۾ وسان نٿو گهٽائي. اهڙي طرح اسان جا ڪيترا شاعر ۽ نثرنويس پنهنجي پنهنجي ڳوٺ، يونين ڪائونسل، تعلقي ۽ ضلعي يا سنڌ سطح تائين جي حضوري لاءِ ڪنهن نه ڪنهن جو در جهليو ويٺا آهن ۽ اتي اهڙيون ڊيوٽيون سرانجام ڏيڻ کي پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز سمجهن ٿا. ويچارا پگهر ۾ شل، شگر يا بلڊ پريشر پيو هيٺ مٿي ٿيندو پر وڏن صاحبن جي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ ۾ هڪ لمحي جي به دير نه ڪندا آهن.
اهڙي طرح اسان جي صحافت جو شعبو آهي، جنهن کي عرف عام ۾ ميڊيا چيو ويندو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ان کي رياست جو چوٿون ٿنڀ هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پوري دنيا سان گڏ ننڍي کنڊ ۾ صحافين پنهنجي پيشي کي هڪ مقدس پيشو بڻائي ڏيکاريو. سڀ تڪليفون، مصيبتون، ڏک ۽ بکون برداشت ڪيائون پر پنهنجي پيشي کي نه لڄايائون ۽ ان تي ڪنهن کي آڱر کڻڻ نه ڏنائون. 1936ع ۾ “انڊين ايڪسپريس” جاري ٿي. اها اخبار رام ناٿ فئملي جي هئي. پروفيشنلزم جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته ورهاڱي کانپوءِ ان جو ايڊيٽر وزيراعليٰ جي دعوت ۾ ويو. جتي وزير اعليٰ چيو ته توهان جي اخبار جو فلاڻو صحافي آهي، اهو ڪمال جو ماڻهو آهي. مون کي ڏاڍو وڻي ٿو. يعني هن تعريف ڪئي هڪ رپورٽر جي. ايڊيٽر واپس اخبار جي آفيس آيو، رپورٽر کي گهرائي چيائين ته وزير اعليٰ صاحب توهان جي تمام گهڻي تعريف ڪري رهيو هو ۽ تنهن ڪري اڄ کان وٺي توهان هتان فارغ آهيو ۽ سڀاڻي کان آفيس نه اچجو. مظهر علي خان پنهنجي “ويو پوائنٽ” ميگزين ڪوٽ لکپت جيل مان ڪڍندو هو. پورو اسٽاف جيل ويو. آخر ۾ جڏهن “ويو پوائنٽ” بند ٿيو ته هن پنهنجيون زمينون کپائي عملي کي رهيل پيسا ڏنا. احمد علي خان “ڊان” اخبار جو ايڊيٽر هو، جڏهن هن تي ايم ڪيو ايم وارن حملو ڪيو ته ٻئي ڏينهن ڊان ۾ ان جي خبر نه هئي. پڇڻ تي ٻڌايائين ته انهن منهنجي ذات کي گاريون ڏنيون، جيڪڏهن خبر لڳايان ها ته چيو وڃي ها هن جي ذات تي حملو ٿيو آهي، تڏهن خبر لڳائي اٿس. ورهاڱي کانپوءِ چراغ حسن حسرت “امروز” جو ايڊيٽر هو ۽ ميان افتخار الدين نه صرف ان جو مالڪ هو پر معروف سياستدان پڻ. هڪ ڏينهن مذاق جي موڊ ۾ هن چيو ته، “حسن صاحب! ڪمال آهي، اسان جا ايترا بيان ايندا آهن، اڄ تائين توهان کي ڪو پسند نه آيو، جو ان کي کڻي شايع ڪريو؟ يا هڪڙي لائين کڻي ان ۾ شايع ڪريو؟” ان تي حسرت صاحب چيو ته، “جناب جنهن ڏينهن ڪا اهڙي لائين قابل اشاعت آئي ته ضرور شايع ڪنداسين.” هي اخبار جو ايڊيٽر پيو مالڪ کي جواب ڏئي! هرينٽ ڊنڪ ترڪي جو صحافي هو. پندرنهن وار “آگوس” جو ايڊيٽر هو، اقليتن جي حقن جو آواز اٿارڻ جي ‘ڏوهه’ ۾ انتهاپسند ترڪ قومپرستن جي نشاني تي هو، جن کي رياست جي مڪمل حمايت حاصل هئي. 19 جنوري 2007ع تي ڊنڪ کي آفيس ويندي استنبول ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو. پوليس مٿان ڪپڙو وجهي ڇڏيو، جنهن مان پير ٻاهر نڪتل هئا. پيرن ۾ جيڪي بوٽ پاتل هئس ۽ ٻنهي بوٽن جا ترا تمام گهڻا ڦاٽل هئا! “ويو پوائنٽ” جو ايڊيٽر مظهر علي خان چوندو هو ته، “دولت ڪمائڻ جا کوڙ سارا طريقا آهن، صحافت دولت ڪمائڻ جو ذريعو ناهي!”
اڄ اسان جي صحافين جي اڪثريت وڏي وزير، وزيرن، ڪامورن، ڪاروباري طبقي جي وڏين شخصيتن ۽ ٻيو مالي فائدو پهچائيندڙ شخصيتن سان واسطا ۽ تعلقات رکڻ لاءِ وٺ وٺان ۾ آهن. پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن صاحب وڏي جي قلمي ڪمداري ڪرڻ ۾ به وڏو فخر محسوس ڪن ٿا ۽ بدقسمتي سان اڪثر ادارن جا مالڪ به اهڙن صحافين کي اهم عهدا ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن. هاڻي ته اسان جا ڪيترا صحافي، وڪيل، نثرنويس، شاعر، رٽائرڊ ڪامورا، پروفيسر ۽ ڪهاڻيڪار ڪنهن حڪومت يا نگران حڪومت ۾ صرف ٽن مهينن جي لاءِ ڪا وزارت وٺڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن ۽ سڄو ڏينهن ان ڪم ۾ رڌل آهن ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اها ٽن مهينن جي وزارت ضرور ملي وڃي!