سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته فاطمه جي امڙ شبنم پنهنجي نياڻي جي قتل جي الزام هيٺ آيل پير اسد شاهه کي چنبڙي پئي ۽ بيهوش ٿي زمين تي ڪِري پئي
پوليس اهلڪارن عورتن پاڻي هاري هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، شبنم پنهنجي نياڻي سان انصاف لاءِ دانهون ڪندي رهي
وڊيو ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته شبنم دانهون ڪري چوي ٿي ته ان کي مان نه ڇڏينديس، ان کي مون پنهنجي ڌيءُ ڏني انهي سان ظلم ڪيو
سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته اهڙو واقعو عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ٿيو، اهو به چيو پيو وڃي ته فاطمه جي امڙ شبنم پير کي ڳچي ۾ هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران دانهون ڪندي زمين تي ڪري پئي