ٿي سگھي ٿو ته سنڌ سرڪار سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي: ڄام اڪرام الله 

ٿي سگھي ٿو ته سنڌ سرڪار سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائي: ڄام اڪرام الله 

پنوعاقل (ن پ ا) جنگ سبب پيٽرول ۽ گيس جي سپلاءِ گھٽ ٿئي پئي، ان ڪري سنڌ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جو سوچي رھي آھي، پنوعاقل ۾ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ تيل جي سپلاءِ متاثر آھي، ٿي سگھي ٿوسنڌ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ طرف وڃي صوبائي وزير چيو ته برادري جھيڙا معاشري لاءِ ناسور آھن، برادري جھيڙن جي خاتمي لاءِ پيپلزپارٽي حڪومت متحرڪ آھي، سکر ضلعي ۾ به برادري جھيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺون پيا، گھرو وزير سان ڳالھه ٿي آھي.