ڀاءُ بيواهه ڀيڻ کي مبينا وڪڻي ڇڏيو، نياڻين سوڌو زنجير هڻي قيد

جُولاءِ 16, 2023

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڀاءُ بيواهه ڀيڻ کي ٻارن سوڌو قيد ڪري ڇڏيو، زوري پرڻائڻ جي ڪوشش،

ڳوٺ سومر موري ۾ ڀاءُ نهال پتافي بيواهه ڀيڻ آسيت پتافي کي ٽن معصوم ٻارڙين سان گڏ زنجير سان ٻڌي قيد ڪري ڇڏيو آهي

اهڙي وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت ۽ سندس نياڻيون زنجيرن سان ٻڌل آهن ۽ رڙيون ڪري روئي رهيون آهن

عورت چيو آهي ته منهنجي ڀاءُ نهال پتافي اسان کي هڪ ڪمري ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڀاءُ نهال پتافي مون کي زوري پرڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

بيواهه عورت آسيت چيو ته منهنجي ڀاءُ مون کي حاجي پتافي کي وڪرو ڪيو آهي، رات زوري پرڻائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، اسان کي آزاد ڪرايو وڃي

Leave A Comment