| ڀاءُ لاءِ قرباني: يارولنڊ واسڻ ادل جي جان بچائڻ لاءَ گڙدو ڏئي ڇڏيو |
يارو لنڊ (رپورٽ: عبدالستار لنڊ) يارو لنڊ واسي ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي محبت جو دل کي ڇُهندڙ مثال سامهون آيو آهي، جتي شبير احمد لنڊ جي زندگي بچائڻ لاءِ سندس ڀيڻ بنا ڪنهن هٻڪ جي پنهنجو گردو عطيو ڪرڻ جو حوصلو ڀريو فيصلو ڪري ورتو آهي. شبير احمد لنڊ هن وقت ڊائو اسپتال ڪراچي ۾ داخل آهي، جتي سندن گردي ٽرانسپلانٽ جو نازڪ ۽ اهم آپريشن اڄ ٿي ويو. خاندان پاران ڀيڻ جي هن احسان ۽ قرباني کي حقيقي ڀائيچاري جو اعلى مثال قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهنته علائقي واسِين شبير آحمد لنڊ جي ڪامياب آپريشن ۽ صحت لاءِ دعاگون آھن