ڀاءُ ڀيڻ، جن کي سرجري ڪرائڻ باوجود کدڙو چئي قبول نٿو ڪيو وڃي

جُون 27, 2023

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) لاهور سان تعلق رکندڙ ملڪ صابر علي کي ٻه ٻار خواجه سرا پيدا هئا جن جو علاج ڪرائڻ کانپوءِ اهي ڇوڪرو ۽ ڇوڪري طور زندگي گذاري رهيا آهن پر معاشرو پوءِ به ٻنهي کي قبول نٿو ڪري

ملڪ صابر علي جو چوڻ آهي ته بختاور جڏهن پيدا ٿي ته اها مرد لڳي رهي هئي ۽ اسان کي به اهو ٻڌايو ويو ته ڇوڪرو پيدا ٿيو آهي، هن جا عضوا ڇوڪرن جهڙا هئا پر مڪمل نه هئا، ننڍي عمر ۾ هن جي سرجري ڪرائي، هن وقت هوءَ مڪمل طور ڇوڪري آهي

ملڪ صابر چيو ته جڏهن پٽ ٿيو ته ان جي ڪا به خبر نه هئي، هن کي به اتي کڻي وياسين جتي بختاور جو چيڪ اپ ڪرايو هو، هن جا به عضوا تبديل هئا، سرجرائي ڪرائڻ بعد هاڻ هو ڇوڪرو آهي

صابر علي وائيس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڏاڍو ڏکيو وقت گذاريو آهي، پنهنجي رت جا رشتا ٻارن جا پيمپر لاهي ڏسندا هئا ۽ چوندا هئا ته کدڙا پيدا ٿيا آهن، اسان جي پنهنجي ويجهن رشتن اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون

هن چيو ته هاڻ بختاور مڪمل ڇوڪري آهي ۽ حسين مڪمل ڇوڪرو آهي، ان باوجود معاشرو قبول نٿو ڪري، معاشرو تمام گهڻو ظالم آهي

صابر علي ٻڌايو ته ماڻهن مشورا ڏنا ته هنن کي ڪنهن مزار تي ڇڏي اچو، آئون جواب ڏيندو هيس ته مون پيدا ڪيا آهن آئون ڇو ڇڏي اچان، علاج نه ڪرايان ها ته ٻيو ڇا ڪريان ها

بختاور ۽ حسين جي والد صابر علي چيو ته هي حقيقت آهي ان کي تسليم ڪرڻو آهي، ان کان ڀڄڻو ناهي اسان کي اهڙين روين سان وڙهڻو آهي

Leave A Comment