ڀاءُ ڀيڻ جو ويم ڪرايو، وڊيو وائرل، اصل مامرو ڪڏهن جو آهي؟
جُولاءِ 15, 2023
لاهور(پنهنجي ڊيسڪ)پنجاب ۾ ڀاءُ کي ڀيڻ جو ويم ڪرائڻو پئجي ويو، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن بعد اسپتال انتظاميا ۽ حڪومت مٿان تنقيد ٿي رهي آهي
پنجاب جي شهر ڪماليه ۾ اسپتال انتظاميا پاران ڳورهاري عورت کي نيڪالي ڏيڻ سبب ڀاءُ کي ڀيڻ جو ويم ڪرائڻو پئجي ويو
ڪماليه جي تعلقي اسپتال انتظاميا ۽ ليڊي ڊاڪٽر ڊليوري جي وقت عورت کي نيڪالي ڏئي ڇڏي، ڳورهاري عورت اسپتال جي ٻاهران چوڪ تي ٻار کي جنم ڏنو
بدقسمت بھائی اپنی بہن کی ڈلیوری کروا رہا ہے…..😥
کمالیہ شہر میں انسانیت سوز واقع سامنے آیا ہے
تحصیل ہیڈ کوارٹر ہسپتال کمالیہ سے لیڈی ڈاکٹر نے بالکل موقع پر ڈلیوری کرنے سے انکار کر دیا , اور ہسپتال سے نکال دیا ماں نے بچے کو ہسپتال کے باہر چوک میں ہی جنم دے دے دیا, بے حسی کی… pic.twitter.com/19kVKZmGlY— Mobeena Khan (@KhanMobeena) July 14, 2023
ڳورهاري عورت کي پنهنجي ڀاءُ ۽ وارث عورتن ويم ڪرايو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پنجاب جي نگران سرڪار تي تنقيد ٿي رهي آهي، اسپتال انتظاميا ۽ ليڊي ڊاڪٽر خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي
سوشل ميڊيا تي اهو به ڄاڻايو ويو ته اهو ڪو نئون واقعو ناهي، اها وڊيو هڪ سال پراڻي آهي جيڪا عمران خان ۽ عثمان بزدار جي حڪومتي دور جي آهي
پرانی ویڈیو نیازی بزدار دور کی pic.twitter.com/33PvsUEVPY
— Mian Asad (@MianAsad8701) July 14, 2023