ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ايم پي اي اسلم ابڙو پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل بابت پوليس جو بيان رد ڪري ڇڏيو، اسلم ابڙو چيو آهي ته ڀاءُ ۽ ڀائٽي جو قتل قبيلائي تڪرار نه ٽارگيٽ ڪلنگ آهي
ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوليس جن ماڻهن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو آهي، اهي ان ڏينهن ڪوئيٽا ۾ موجود هئا، انهن سان اسان جو ڪو تڪرار ئي ناهي، پوليس ٻيڻي قتل کي قبيلائي تڪرار قرار ڏئي جان آجي ڪرڻ گهري ٿي
هن چيو ته ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي ٽارگيٽ ڪري 49 گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ساڳي گاڏيءَ ۾ ويٺل ٻين ماڻهن کي هٿ به نه لاٿو ويو، پوليس قتل ڪيس ۾ شاهواڻي برادرز کي شامل ڪيو آهي، اهي ته واقعي واري ڏينهن ڪوئيٽا ۾ موجود هئا، اهي ڪيئن ڪراچي آيا؟ ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي قتل ڪري ساڳئي وقت واپس ڪوئيٽا ڪيئن پهتا؟
اسلم ابڙو چيو ته جن منهنجي بنگلي ٻاهران ريڪي ڪئي ۽ جن ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي قتل ڪيو، انهن جو پاڻ ۾ موبائل فون تي رابطو ٿيو هوندو، ان رابطي جي جيو فرانزڪ رپورٽ سامهون آندي وڃي، پوليس 2019ع واري ڳالهه تي هلي پئي، شاهواڻي برادرز سان اسان جو ڪو به تڪرار ناهي
هن چيو ته جيڪڏهن ڪو تڪرار آهي ته ثابت ڪيو وڃي، ان تڪرار بابت ڪنهن ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل هوندي، اها ڏيکاري وڃي، منهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي ڪنهن قتل ڪيو ۽ ڪنهن قتل ڪرايو؟، اهي ڪردار سامهون آندا وڃن