ڀائٽن ڌيءُ کي بنا ڪفن دفنايو: ثمينه جلباڻي جي والدا جو بيان سامهون اچي ويو

جُون 18, 2023

ميھڙ(ن پ و) ميھڙ ويجهو قتل ٿي ويل ثمينه جلباڻي جي امڙ بيگم خاتون جلباڻي جو پوليس آڏو بيان سامھون اچي ويو آھي

قتل ٿيل ناري جي امڙ پوليس سامھون ماتم ڪندي روئيندي ٻڌايو ته منھنجي ڌيءُ گھران نڪري پيار جو پرڻو ڪيو ھو ۽ بعد ۾ راڄوڻي طور قرآن پاڪ تي واپس ٿي ھئي

سندس چوڻ هو ته منھنجي ڀائٽن امداد ۽ دلدار جلباڻي منھنجي سامھون ثمينه کي گھٽا ڏئي قتل ڪري بنا ڪفن ۽ غصل ڳوٺ ڀرسان زمين ۾ پوريو ۽ منھنجي ڀائٽن وات تي ڪپڙو ڏئي مونکي به رسن سان ٻڌي ڇڏيو ھو

ھوڏانھن قتل ٿيل ناري جو ڪيس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به داخل نه ٿي سگھيو آھي ۽ نه ئي وري قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي

ٻئي طرف رابطي تي ايس ايڇ او بي سيڪشن نورمصطفي پٺاڻ چيو ته قتل ٿيل ناري جي امڙ جي بيان تحت ۽ پوليس جي پنھنجي جاچ مطابق قتل ڪندڙ ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن جي  سھولتڪارن خلاف واقعي جو سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري رھيا آھيون

ياد رھي ته بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان ناري جو لاش اباڻي ڳوٺ باغو جلباڻي ۾ گھرن ڀرسان زرعي زمين ۾ پوريل لاش مليو ھو جڏھن ته  واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پڻ ڇانيل آھي

لاڳاپيل پوسٽون

  • سجاول جوڻيجو ڀرسان 2 ناريون مبينا اغوا

  • مهانگائي چارسيڪڙو کان به گهٽ آهي: خواجه آصف

  • ڪوٽ غلام محمد: ناري ۽ نوجوان پاران مبينا آپگهات

  • راڻيپور لڳ جهيڙو ، 2 ڄڻا قتل