ڀاتين تي تشدد، حراسان ڪرڻ ۽ گار ڏيڻ سنگين ڏوهه: 3 سال سزا: بل سينيٽ مان به منظور

ڀاتين تي تشدد، حراسان ڪرڻ ۽ گار ڏيڻ سنگين ڏوهه: 3 سال سزا: بل سينيٽ مان به منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي کانپوء سينيٽ به گهريلو تشدد بابت شرميلا فاروقي جي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي سينيٽ بل زال ۽ ٻارن جي سماجي تحفظ بابت  ڊوميسٽڪ وائلنس کان تحفظ نالي  بل 2025 منظور ڪيو ويو آھي جنهن کي قومي اسيمبلي پهريان ئي منظور ڪري چڪي آھي ، بل تحت گهرواري، ٻارن يا گهر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن کي گار  ڏيڻ ڪنهن به قسم جو تشدد سنگين  ڏوهه تصور ٿيندو. گهرواري، ٻار يا گهر ۾ موجود ٻين ماڻهن کي جذباتي، نفسياتي طور پريشان ڪرڻ به ڏوهه هوندو،اهڙي ڏوھ جي مرتڪب کي  وڌ ۾ وڌ  3 سالن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينن  تائين سزا، هڪ لک رپين تائين ڏنڊ به لاڳو ڪري سگهبو. بل موجب زال کي مرضي بنا گهر ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ رکڻ به سزا جوڳو  ڏوهه هوندو، خاندان جي ماڻهن جي پرائيويسي يا ساک کي نقصان پهچائڻ به ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي. متن ۾ چيو ويو آهي ته زال يا گهر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن کي جسماني تڪليف پچائڻ جي ڌمڪي به سزا جوڳو ڏوهه هوندو، پاس ٿيندڙ ڊوميسٽڪ وائلنس بل ۾ جنسي ۽ معاشي استحڪام جي روڪٿام لاء به شقون  شامل ڪيون ويون آهن. بل زال، ٻارن، گهر ۾ رهندڙ پيرسن ماڻهن، پاليل ٻارن، ٽرانسجينڊرز، جيڪي گڏ رهندا آهن انهن تي لاڳو ٿيندو.