ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول
جُون 14, 2025
برسلز ) پنهنجي ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ پارلياماني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيوآهي ته ڀارت جي پاڪستان جو پاڻي روڪڻ واري ڌمڪي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش آهي برسلز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪشمير سميت سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري۾ آهي، هن چيو ته ڀارت پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي سندس چوڻ هو ته پاڪستان پهلگام واقعي جي جاچ جي آڇ ڪئي پر، ڀارت انڪار ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ائٽمي طاقتون هجڻ باوجود پاڪ-ڀارتڇڪتاڻ تيزيءَ سان وڌي ، پارلياماني وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيوجنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي، امن جي ڳالهه ڪرڻ آيو آهيان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڳالهيون نه ٿينديون ته ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن وڌندي، ۽ ان جا نتيجا خطرناڪ نڪري سگهن ٿا .