| ڀارتي اداڪاره ارچنا پورن سنگهه انوکي بيماريءَ ۾ مبتلا |
ممبئي (شوبز نيوز) مشهور ڀارتي ادڪاره ۽ ٽي وي پرسنالٽي ارچنا پورن سنگهه کي ناياب طبي بيماري ڪمپليڪس ريجنل پين سينڊروم جي تشخيص ٿي آهي. ارچنا جي خراب صحت بابت انڪشاف سندس پٽ آيوشما سيٺي انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ وڊيو ذريعي ڪيو. آيوشما موجب سندس امڙ کي اها بيماري گذريل سال فلم ”وڪي وديا ڪا وو والا وڊيو، جي شوٽنگ دوران ٻانهن ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٿي، ان بيماري جي ڪري ارچنا سنگهه جو هٿ مستقل طور تي متاثر ٿي ويو هو. آيوشما ٻڌايو ته سندس امڙ سخت سور ۾ به فلمن ۽ ويب سيريز ۾ ڪم جاري رکيو ۽ 60 ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجو يوٽيوب چينل به شروع ڪيو آهي. ماهرن موجب سي آر پي ايس نالي اها دائمي اعصابي سور جي بيماري آهي جنهن ۾ ڌڪ لڳڻ کان پوءِ سور معمول کان وڌيڪ شديد ۽ گھڻي دير مهسوس ٿيندو آهي، ايستائين جو زخم ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ به سور رهندو آهي.