| ڀارتي اداڪاره صبا آزاد خطرناڪ انفيڪشن ۾ مبتلا |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره صبا آزاد کي خطرناڪ انفيڪشن ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب صبا آزاد کي سائڪلوسپورا ڪيٽيانينسز Cyclospora cayetanensis انفيڪشن ٿيڻ کانپوءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. هن انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي اسپتال مان پنهنجي تصوير پڻ شيئر ڪئي. اداڪاره چيو ته سندس دوست ريتڪ روشن هن ڏکئي وقت ۾ مدد ڪري رهيو آهي. اداڪاره انڪشاف ڪيو ته بيماري سبب سندس ٻن هفتن ۾ 4 ڪلوگرام وزن گهٽجي ويو آهي. هن چيو ته هوءَ گهر جو کاڌو کائڻ پسند ڪندي آهي، هر هنڌ پنهنجو پاڻي کڻي ويندي آهي، احتياط باوجود هوءَ انفيڪشن ۾ مبتلاٿي وئي. ميڊيا رپورٽن موجب اداڪاره مداحن کي صلاح ڏني ته ڀاڄيون ۽ ميوا کائڻ کان اڳ چڱي طرح ڌوئڻ گهرجن.