| ڀارتي اداڪاره پونم پانڊي بنا شادي ماءُ بنجندي ؟ |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ)ڀارتي اداڪاره پونم پانڊي جي نئين پوسٽ مونجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، 35 سالن جي سندري انسٽاگرام تي 2 تصويرون پوسٽ ڪيون. هڪ تصوير ۾ هوءَ پنهنجي ٽي شرٽ کڻندي نظر اچي رهي آهي، جنهن ۾ سندس بيبي بمپ نظر اچي رهيو آهي. ٻي تصوير ۾ سندس حمل واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هڪ ڳورهاري عورت، کير جي بوتل ۽ ٻار جا ايموجي شامل هئا. ياد رهي ته 2024 ۾ پونم پانڊي دعويٰ ڪئي هئي ته هوءَ سروائيڪل ڪينسر سبب فوت ٿي وئي آهي، هڪ ڏينهن بعد هن واپس اچي اهڙي خبر کي آگاهي مهم جو حصو قرار ڏنو هو