ڀارتي اداڪاره ڪريتي جي ڀيڻ جي شادي جون تياريون

ڀارتي اداڪاره ڪريتي جي ڀيڻ جي شادي جون تياريون

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي اداڪاره ڪريتي سينن هن وقت پنهنجي نئين فلم ‘تيري عشق ۾’ جي ڪاميابي مان لطف اندوز ٿي رهي آهي پر سندس گهر ۾ خوشين جو هڪ ٻيو سبب به آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سندس ڀيڻ نوپور سينن جلد ئي پنهنجي بواءِ فرينڊ گلوڪار  اسٽيفن بين سان شادي ڪرڻ واري آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته نوپور شادي  لاءِ  ‘فيئرمائونٽ اديپور پيلس’ جي چونڊ ڪئي آهي. ذريعن موجب شادي جون تقريبون نئين سال جي شروعات ۾ 8 ۽ 9 جنوري تي ٿيڻ جو امڪان آهي. جيتوڻيڪ تقريب کي خانگي رکيو ويندو پر خاندان، ويجهن دوستن ۽ شوبز شخصيتن جي شرڪت جي اميد آهي. پهريون ڏينهن مهندي ۽ سنگيت لاءِ وقف ڪيو ويندو، جڏهن ته مکيه رسمون ٻئي ڏينهن ادا ڪيون وينديون.