ڀارتي بورڊ جا سمورا هٿيارناڪام: ايشيا ڪپ هائبرڊ ماڊل تي ٿيندو: شيڊيول جاري

جُون 15, 2023

دبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي بورڊ جا سمورا هٿيارناڪام ٿي ويا، ايشيا ڪپ هائبرڊ ماڊل تي ٿيندو، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب هلندڙ سال رٿيل ايشيا ڪپ 2023 لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ هلندڙ تڪرار نيٺ پڄاني کي پهتو ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ايشيا ڪپ لاءِ  پاڪستان پاران تجويز ڪيل هائبرڊ ماڊل تي ڪرائڻ لاءِ شيديول جاري ڪري ڇڏيو آهي

 ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران جاري ڪيل شيديول تحت ايشيا ڪپ 31 آگسٽ کان 17 سيپتمبر تائين پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو جنهن تحت پاڪستان ۾ شروعاتي 4 ۽ باقي 9 ميچ سريلنڪا ۾ کيڏيا ويندا،

 جيڪڏهن ڀارتي ٽيم فائنل ۾ پهتي ته اها ميچ به سريلنڪا ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ نيپال جون ٽيمون حصو وٺنديون، ڀارتي ٽيم جا ميچ سريلنڪا ۾ ٿيندا.

 پاڪستان ۾ رٿيل 4 ئي ميچ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ڪرايا ويندا، ٻئي طرف ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل چيو آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي هائبرڊ ماڊل تي راضي ڪيو ويندو.

Leave A Comment