| ڀارتي بيٽر پاران روزانو 150 تائين ڇڪا هڻڻ جي دعويٰ |
دهلي (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ پي ايل جي فرنچائز سپر جائنٽس جي مڊل آرڊر بيٽر موڪل چوڌري چيو آهي ته هو روزانو 100 کان 150 ڇڪا هڻڻ جي پريڪٽس ڪندو آهي، خميس ڏهاڙي ڪولڪتا نائٽ رائڊرز جي خلاف لکنئو سپر جائنٽس کي ميچ کٽرائڻ بعد پريس ڪانفرنس موڪل چوڌري چيو ته منهنجو جسم قدرتي طور ٿورو وڌيڪ طاقتور آهي، روزانو 100 کان 150 ڇڪا هڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.هن چيو ته گذريل پنج ڇهه مهينن کان گهڻي پريڪٽس ڪري رهيو آهيان، 17هين اوور ۾ ڇڪي واري شاٽ تي هن چيو ته آئون ننڍپڻ کان اهڙي شاٽ کيڏڻ جي پريڪٽس ڪري رهيو آهيان، آئون ان شاٽ هيليڪاپٽر شاٽ کي سدائين پسند ڪندو آهيان جيئن ڌوني اننگز جي پڄاڻي ڪندو آهي.