ڀارتي رياست بهار ۾ چونڊ جو پهريون پرتشدد مرحلو مڪمل

ڀارتي رياست بهار ۾ چونڊ جو پهريون پرتشدد مرحلو مڪمل

پٽنا(م ڊ) هندستاني رياست بهار ۾ اسيمبلي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ووٽنگ مڪمل ٿي وئي، 18 ضلعن جي 121 سيٽن تي ووٽنگ ٿي. هندستاني وقت مطابق شام 5 وڳي تائين 60.13 سيڪڙو ووٽنگ رڪارڊ ڪئي وئي. ان موقعي تي، هندستان جي اليڪشن ڪميشن پڻ دعويٰ ڪئي ته سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا، پر ان باوجود، ڪيترن ئي علائقن مان تشدد جون رپورٽون سامهون آيون آهن. 45 ملين ووٽرن کي 1,314 اميدوارن مان 121 کي چونڊيو. ووٽنگ جو ٻيو مرحلو 11 نومبر تي ٿيندو، جنهن ۾ باقي 122 سيٽن لاءِ فيصلو ڪيو ويندو.