ڀارتي سازش ناڪام،سعوديه ۽ مصر جو به جي 20 اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار

مَي 22, 2023

نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ جي 20 جو تڪراري اجلاس منعقد ڪري قبضي کي قانوني قرار ڏيڻ جي ڀارتي سازش ناڪام ٿي وئي

چين ۽ ترڪيه کانپوءِ سعودي عرب ۽ مصر به سرينگر اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڀارت جي ٽوئرازم سيڪريٽري اروند سنگهه دهلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي ٽوئنٽي ملڪن ۾ چين، ترڪيه ۽ سعودي عرب اڃا تائين اجلاس ۾ شرڪت جي تصديق ناهي ڪئي

هن چيو ته خصوصي طور دعوت ڏنل مصر به شرڪت لاءِ رجسٽريشن ناهي ڪرائي

واضح رهي ته والاريل سرينگر ۾ اڄ کان جي 20 ورڪنگ گروپ جو ٽن ڏينهن جو اجلاس شروع ٿي رهيو آهي والاريل ڪشمير م اجلاس خلاف اڄ ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسي مڪمل هڙتال رهندي

Leave A Comment