ڀارتي فلمساز رنجيت اداڪاره کي هراسان ڪرڻ تان گرفتار

ڀارتي فلمساز رنجيت اداڪاره کي هراسان ڪرڻ تان گرفتار

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارت جي مليالم فلم انڊسٽري هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار ۾ ڦاسي پئي، مشهور فلمساز رنجيت ٻال ڪرشنن کي هڪ اداڪاره کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس عملدارن موجب اداڪاره جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ هن شوٽنگ دوران پيش آيل واقعي جا تفصيل ڏنا. اداڪاره موجب  رنجيت  کيس سڏائي  نامناسب سلوڪ ڪيو، کيس هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي بيان آڌار پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو، جنهن ۾ جنسي هراساني، عورتن جي وقار تي تذليل ۽ بي حيائي جا قلم لڳايا ويا آهن، ٻال ڪرشنن کي حراست ۾ وٺڻ کانپوءِ پوليس مئجسٽريٽ سامهون پيش ڪيو، عدالت کيس 14 ڏينهن جي عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف رنجيت جي وڪيل جو چوڻ آهي ته هو جلد ئي ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪندو. واضح ر هي ته رنجيت ٻال ڪرشنن تي  2024 ۾ هڪ بنگالي اداڪارج مٿس هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو هو، جنهن کانپوءِ کيس ڪيرالا اڪيڊمي جي چيئرمين شپ تان استعيفا ڏيڻي پئجي وئي هئي