ڀارتي ماڊل هرشال ڪالياخوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت

ڀارتي ماڊل هرشال ڪالياخوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت

جئپور (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجستان جي 30 سالن جي اداڪاره ۽ ماڊل هرشال ڪالياخوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي وئي ميڊيا موجب هرشال ڪاليا شوٽنگ تان گهر واپس اچي رهي هئي، سندس ڪار ڪنٽرول کان نڪري ڪلٽي ٿي پئي. هندستاني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اداڪاره جي ڪار تيز رفتاري سان ڊوائيڊر سان ٽڪرائجي وئي،  مقامي ماڻهن پهچي ڪار کي سڌو ڪري  اداڪاره کي ٻاهر ڪڍي، هڪ خانگي اسپتال منتقل ڪيو،  ڊاڪٽرن مٿي ۾ زخمن سبب فوت قرار ڏنو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش خاندان جي حوالي ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته هرشل ڪاليا ويب سيريز ‘ڪرائيم نيڪسٽ ڊور’ ۾ ڪم ڪري چڪي آهي، هوءَ هڪ نيوز چينل ۾ اينڪر پڻ رهي هئي، هن  ڪيترن ئي راجستاني گيتن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيوهو، هوءَ ماڊلنگ جي شعبي ۾ پڻ سرگرم هئي.