ڀارتي ناري انجو اسلام قبولي پاڪستاني نوجوان سان پرڻو ڪري ڇڏيو

جُولاءِ 25, 2023

ديربالا (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ خيبر پختونخوا پهتل ڀارتي ناري انجو اسلام قبول ڪري شادي ڪري ورتي آهي

ڀارتي ناري انجو دير بالا جي رهائشي نصرالله سان ڪورٽ ميرج ڪئي، 35 ورهين جي انجو کي فاطمه نالو ڏنو ويو، انجو ۽  نصرالله دير بالا جي سول ڪورٽ ۾ شادي ڪئي

جوڙي شادي کانپوءِ دير بالا جي سياحتي هنڌن لواري ٽنل، هل پارڪ ۽ دير سٽي ۾ ٽڪ ٽاڪ وڊيو به ٺاهي ۽ موسم جو مزو ماڻيو

فيس بوڪ تي دوستي بعد ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي شهر دهلي جي رهواسڻ ڪرسچن ناري انجو ويزا وٺي خيبر پختونخوا جي شهر دير بالا پهتي هئي، پوليس پاران ناري کان جاچ جو سلسلو جاري آهي

Leave A Comment