| ڀارتي وزير جي سنڌ بابت بيان خلاف متحده پاران قرارداد جمع |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڀارتي دفاعي وزير راجناٿ سنگهه پاران سنڌ بابت ڏنل بيان تي ايم ڪيو ايم پاران سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي وئي آهي. ايم ڪيو ايم ميمبر عامر صديقي جمع ڪرايل قرارداد ۾ ڄاڻايو آهي ته ڀارتي دفاعي وزير جو بيان تاريخي طور تي گمراھ ڪندڙ ۽ بين الاقوامي اصولن جي ابتڙ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ پاڪستان جو اڻ ٽُٽ حصو آهي ۽ رهندي. قرارداد ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارتي وزير جي بيانن جو مقصد خطي ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ آهي. عامر صديقي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارتي وزير جي اهڙي غيرذميواراڻي بيان کي دنيا سامهون آندو وڃي.