| ڀارتي ٽيم لاءِ لوڏو: ڪپتان گل 2025ع جي باقي ميچن مان آئوٽ |
ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شُڀمَن گِل جي انجري ٽيم مئنيجمينٽ لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. گِل سال 2025 جي باقي ميچن ۾ ايڪشن ۾ نظر نه ايندو، ڳچيءَ جي انجري سبب ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز مان اڳ ئي ٻاهر ٿي چڪو آهي. ٽيم انتظاميا جو چوڻ آهي ته هو گِل جي فٽنيس جي معاملي ۾ تڪڙ نه ڪندي. امڪان آهي ته شُڀمَن گل 2026ع ۾ نيوزي لينڊ خلاف هوم سيريز ۾ واپسي ڪندو. ڀارتي ٽيم جي نيوزيلينڊ خلاف جنوري ۾ ٽن ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز شيڊيول آهي ڄاڻايل سيريز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ڀارت جي آخري تيارين جو حصو هوندي.