| ڀارتي پائلٽ پاران پاڪستان پويلين جو دورو، چانهه جي دعوت |
دبئي(م ڊ) ڀارتي هوائي فوج جا اهلڪار به پاڪستان هوائي فوج ۽ پاڪستاني جهاز جي ايف-17 ٿنڊر جا مداح نڪتا، هندستاني سپاهين به جي ايف-17 ٿنڊر سان تصويرون ڪڍيون. دبئي ايئر شو دوران، ڀارتي ايئر فورس جا اهلڪار پاڪستاني پويلين پهتا ۽ دورو ڪيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس پاڪستاني هٿيارن ۾ دلچسپي ڏيکاري. پاڪستاني عملدارن موجب پاڪستان هوائي فوج جي پائلٽن هندستاني سپاهين کي چانهه پيئڻ جي دعوت پڻ ڏني. پاڪستان هوائي فوج جي پائلٽن چيو ته اچو ته توهان کي چانهه ٺاهي ڏيون جنهن تي ڀارتي سپاهين وڏي شڪرگذاري سان معافي ورتي ۽ صرف پاڻي لاءِ راضي ٿيا. پاڪستاني عملدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو مهمان اچي ٿو ته اسان ان جو استقبال ڪريون ٿا.