ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪ-ڀارت تڪرار گهٽائڻ ۾ آمريڪي ڪردار جو اعتراف

مَي 24, 2025

نئين دهلي(مانٽرنگ ڊيسڪ)پهلگام واقعو تي پرڏيهي صحافي جي سوال تي ڀارتي پرڏيهي وزير جي ڪن لاٽار ڪندو رهيو، ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر کان انٽرويو ڪندي پرڏيهي صحافي پاڪ –ڀارت  تڪرار ۽ پهلگام واقعي ۾ آمريڪي ڪردار بابت سوال بچڻ شروع ڪيا ته ڀارتي وزير جواب ڏيڻ کان لنوائندي ڪن لاٽار ڪئي.

انٽرويو دوران هڪ پرڏيهي صحافي هندستاني پرڏيهي وزير کان پڇيو ته ڇا آمريڪي صدر ٽرمپ هندستان-پاڪستان تڪرار ختم ڪري ڇڏيو آهي؟

پرڏيهي صحافي پوءِ هندستاني پرڏيهي وزير کان پڇيو، “ڇا توهان پهلگام ۾ 26 ماڻهن جي قاتلن کي پڪڙيو آهي؟” ڇا انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي؟ هن سڄي عمل ۾ آمريڪا جو ڪردار ڇا هو؟  پرڏيهي صحافي پاران سوال پڇڻ تي هندستاني پرڏيهي وزير جئي شنڪر ڊڪڻ لڳو.

بعد ۾ انڊين ڪانگريس پارٽي هي فوٽيج پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پوسٽ ڪيا ۽ پڇيو ته سندس زبان ڇو هٻڪي رهي هئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • دادو: جوابدارن پاران نينگري سان جنسي زيادتي

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس