ڀارتي ڪرڪيٽر يش ديال تي لڄالٽ جو الزام: آءِ پي ايل مان فارغ

ڀارتي ڪرڪيٽر يش ديال تي لڄالٽ جو الزام: آءِ پي ايل مان فارغ

بئنگلورو (اسپورٽس ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ جي فرنچائز ۽ دفاعي چيمپيئن رائل چيلنجرز بئنگلورو (آر سي بي) تصديق ڪئي آهي ته لڄالٽ جي الزامن جو شڪار فاسٽ بالر يش ديال 2026 جي سيزن لاءِ ٽيم جو حصو نه هوندو. ٽيم جي ڊائريڪٽر آف ڪرڪيٽ مو بوبٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته يش ديال هن وقت ”ذاتي صورتحال“ مان گذري رهيو آهي، جنهن ڪري کيس اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. “ آر سي بي ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڳ ئي متبادل پلان تيار ڪري ورتو هو. فرنچائز آءِ پي ايل 2026 جي آڪشن ۾ مڌيا پرديش جي فاسٽ بالر منگيش يادو کي 5.20 ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ خريد ڪري ورتو آهي ۽ امڪان آهي ته هو يش ديال جي جاءِ تي پليئنگ اليون جو حصو هوندو. تازي اڳڀرائي کانپوءِ يش ديال جي آءِ پي ايل 2026 ۾ شموليت ناممڪن نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته آر سي بي پنهنجي ٽيم کي متوازن رکڻ لاءِ متبادل آپشنز تي ڀاڙي رهي آهي.