| ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاران انٽرنيشنل هوم سيزن جو اعلان |
ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) انٽرنيشنل هوم سيزن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن دوران ڀارت ويسٽ انڊيز، سريلنڪا، زمبابوي ۽ آسٽريليا جي ميزباني ڪندو.ڀارت ۾ 21 انٽرنيشنل ميچون 17 مختلف وينيوز تي کيڏيون وينديون. ڀارت جي هوم انٽرنيشنل سيزن جي شروعات ويسٽ انڊيز خلاف سيريز سان ٿيندي، جنهن ۾ ٽي ون ڊي ۽ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچون 27 سيپٽمبر کان 17 آڪٽوبر تائين کيڏيون وينديون.سريلنڪن ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 13 ڊسمبر کان 27 ڊسمبر تائين شيڊيول آهي، جڏهن ته زمبابوي ٽيم سان به ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 3، 6 ۽ 9 جنوري تي کيڏي ويندي. ان کانسواءِ آسٽريلوي جي ٽيم بارڊر-گواسڪر ٽرافي لاءِ ڀارت جو دورو ڪندي، جنهن ۾ پنج ٽيسٽ ميچون شامل آهن، جيڪي ايندڙ سال 21 جنوري کان 3 مارچ تائين کيڏيون وينديون.