ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادو بالي ووڊ جي اداڪاره خوشي مکرجي خلاف بدناموسي جو ڪيس داخل ڪيو آهي. ميڊيا موجب سوريا ڪمار يادو خوشي جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ تڪراري بيان کانپوءِ قانوني ڪارروائي ڪئي آهي، هن خوشي مکرجي کان 100 ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو آهي. ميڊيا موجب خوشي مکرجي دعويٰ ڪئي هئي ته سوريا ڪمار يادو کيس اڪثر ڪري پيغام موڪليندو هو. جڏهن ته سوريا ڪمار يادو جي قانوني ٽيم انهي الزام کي غلط، بي بنياد ۽ سندس شهرت کي نقصانڪار قرار ڏنو آهي.