ڀارتي ڪپتان شبمن گل جي ٻي ٽيسٽ ۾ شرڪت شڪي

ڀارتي ڪپتان شبمن گل جي ٻي ٽيسٽ ۾ شرڪت شڪي

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) هندستاني ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شبمن گل کي ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ زخم رسيو هو، پر هاڻي سندس حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ميڊيا جو چوڻ آهي ته شبمن گل کي ڳچيءَ ۾ زخم سبب اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي، پر سيريز جي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ۾ سندس شرڪت شڪي آهي. سيريز جو آخري ٽيسٽ 22 نومبر کان گوهاٽي ۾ شروع ٿيندو، جنهن لاءِ هندستاني اسڪواڊ اڱاري تي روانو ٿيندو.