| ڀارتي گلوڪار ۽ اداڪار پرشانت تمانگ لاڏاڻو ڪري ويو |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) انڊين آئيڊل سيزن 3 جو فاتح ۽ ڀارتي گلوڪار ۽ اداڪار 43 سالن جو پرشانت تمانگ پنهنجي گهر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، رپورٽن موجب پرشانت جو موت فالج سبب ٿيو. پرشانت تمانگ 2006ع ۾ مشهور رئلٽي شو انڊين آئيڊل سيزن 3 کٽي شهرت ماڻي گلوڪاري ۽ اداڪاري شروع ڪئي، سندس پهريون ميوزڪ البم “ڌنيواد” جاري ٿيو، پرشانت ڪيترن نيپالي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو. هو مشهور ويب سيريز پاتال لوڪ سيزن 2 ۾ پڻ نظر آيو، سندس ڪردار کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.