| ڀارتي ڳائڻي بادشاهه تڪراري گيت تان معافي گهري ورتي |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ڳائڻي ۽ ريپر بادشاهه پنهنجي تڪراري گيت تان معافي گهري ورتي. بادشاهه ڀارتي صوبي هريانا ۾ ‘تتيري’ گيت جاري ڪيو هو، جنهن جي ٻولن ۽ فلمبندي تي هريانا جي شهر پنچڪولا جي رهواسين اعتراض واري مٿس بيحيائي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، سخت عوامي ردعمل کانپوءِ ڳائڻي بادشاهه پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪري چيو ته سندس نئين گيت ‘تتيري’ جي ٻولن ۽ فلمبندي هريانا جي ڪيترن ئي ماڻهن جي جذبن کي مجروح ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪي مون کي سڃاڻن ٿا، اهي ڄاڻن ٿا ته آئون هريانا سان تعلق رکان ٿو، منهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ کاڌو پيتو هريانا جي ثقافت کي ظاهر ڪن ٿا، آئون ڪڏهن به ڪنهن ٻار يا عورت بابت ڪجهه به فحش نه چوڻ چاهيندس. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي گيت سان ڏک ٿيو آهي ته آئون معافي وٺان ٿو، مون کي اميد آهي ته اهي هريانا جي پٽ جي حيثيت سان مون کي معاف ڪندا. ڳائڻي پنهنجي وڊيو جي ڪيپشن ذريعي ٻڌايو ته هو تڪراري گيت “تتيري” کي سڀني پليٽ فارمن تان هٽائي رهيو آهي.