ڀارتي ڳائڻي بادشاهه ۽ اداڪاره ايشا راکي جي ڳجهي شادي؟

ڀارتي ڳائڻي بادشاهه ۽ اداڪاره ايشا راکي جي ڳجهي شادي؟

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ريپر ۽ ڳائڻي بادشاهه ۽ اداڪاره ايشا راکي جي ڳجهي شادي جا افواهه سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي ويا، ان ڏس ۾ايشا راکي جي ماءُ پونم راڪي تازو هڪ خانگي تقريب جون ڪجهه تصويرون آن لائين شيئر ڪيون، جيڪي مبينا طور تي شادي جي رسمن کي ظاهر ڪن ٿيون، تصويرن ۽ پوسٽن کانپوءِ مداحن تبصرا شروع ڪيا ته بادشاهه ۽ ايشا راکي ڳجهي شادي ڪئي آهي، هوڏانهن بادشاهه شادي جي باضابطا تصديق ناهي ڪئي ۽ نه ئي ايشا راکي يا سندس خاندان ڪا وضاحت ڪئي آهي.