ڀارت افغان دهشتگرد گروهن جي حمايت بند ڪري:پرڏيهي ترجمان

ڀارت افغان دهشتگرد گروهن جي حمايت بند ڪري:پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي 17 مارچ 2026 تي ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڀارت جو بيان حقيقتن جي ابتڙ، گمراهه ڪندڙ ۽ بلا جواز آهي. افغان سرزمين مان پاڪستان خلاف دهشتگردي ۾ ڀارتي سرپرستي ۽ خطي ۾ تاريخي تخريبي ڪردار جي پس منظر ۾ ڀارتي بيان محض منافقت ۽ ٻٽي معيار جي عڪاسي ڪري ٿو. اهو بيان هڪ اهڙي ملڪ کان آيو آهي، جنهن پنهنجي داخلي سياسي مفادن لاءِ اسلاموفوبيا کي وڌايو ۽ پنهنجي مسلم آبادي خلاف پرتشدد واقعن جي باوجود جوابده نه رهيو. ڪجهه هفتا اڳ ڀارت اهڙي قابض ڌر جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو، جيڪو هزارين بي گناهه فلسطيني شهرين جي قتل جو ذميوار آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت کي گهرجي ته افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد گروهن جي حمايت بند ڪري،