| ڀارت بنيان المرصوص ۾ پنهنجا فوجي مارجڻ جو اعتراف ڪري ورتو |
نئين دهلي (م ڊ) ڀارت گذريل سان مئي ۾ پاڪستان سان ٿيل جنگ ۾ پنهنجا فوجي مارجڻ جي تصديق ڪري لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. 26 جون 2026 تي پهريون ڀيرو مارجي ويل پنهنجن فوجي اهلڪارن جا نالا ظاهر ڪيا ۽ چيو ته اهي آپريشن سندور ۾ مارجي ويا. نيشنل وار ميموريل جي ويب سائيٽ تي ‘رول آف آنر’ ۾ ڇهن نالن کي شايع ڪيو ويو جن ۾ هيڊ ڪوارٽر 10 انفنٽري برگيڊ جو صوبيدار ميجر پون ڪمار، 4 جمو ۽ ڪشمير لائيٽ انفنٽري جو رائفل مين سنيل ڪمار (جنهن کي وير چڪر سان نوازيو ويو هو)، 5 فيلڊ ريجمينٽ جو لانس نائڪ ڌنيش ڪمار، 851 لائيٽ ريجمينٽ جو ايوي ايشن ٽيڪنيشن مود مرلي نائڪ ۽ 237 فيلڊ ورڪشاپ ڪمپني جو حوالدار سنيل ڪمار سنگهه، ڀارتي هوائي فوج جي 38 ونگ جو سارجنٽ سريندر ڪمار شامل آهن. سنيل کي ويو ميڊل سان نوازيو ويو هو. لسٽ منظر عام تي اچڻ بعد حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته هن عوام کان حقيقتون لڪايون آهن. جنهن بعد بچاءُ واري وزارت بيان ۾ چيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي گردش ڪندڙ ڪجهه پوسٽن ۾ دفاع واري وزير جي تقرير کي غلط پيش ڪيو ويو آهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته دفاع واري وزير چيو هو ته آپريشن سنڌور دوران ڪو به ڀارتي سپاهي نه مارجي ويو. سندس پارلياماني خطاب تي تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي غلط بياني ڄاڻي واڻي آپريشن جي ڪاميابي کي ڪمزور ڪرڻ ۽ عوامي راءِ کي متاثر ڪرڻ لاءِ پکيڙي پئي وڃي. هن آپريشن ۾ 100 کان وڌيڪ دهشتگرد ۽ پاڪستاني سپاهي مارجي ويا، جڏهن ته ڪنٽرول لائن تي پاڪستاني هوائي فوج جي اڏن ۽ ٻين اهم فوجي تنصيبات کي به سخت نقصان پهچايو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومت مارجي ويل فوجين جي قربانين جي اعتراف ۾ نيشنل وار ميموريل تي نالا درج ڪيا آهن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ تعليم، صحت ۽ ٻين سهولتن ۾ خاص رعايتن کي يقيني بڻايو آهي.