ڀارت ته ڪشمير هڙپ ڪري ڇڏيو، ڪشمير ۽ گلگت جو جيڪو حصو اسان وٽ آهي اتي ريفرينڊم ڪرائي وٺو: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

فيبروري 14, 2024

ڀارت ته ڪشمير هڙپ ڪري ڇڏيو، ڪشمير ۽ گلگت جو جيڪو حصو اسان وٽ آهي اتي ريفرينڊم ڪرائي وٺو، گلگت بلتستان جي ماڻهن کي خبر ئي نه آهي ته اسان جي ڪهڙي آئيني حيثيت آهي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا گلگت جي اعليٰ عدليه ۾ ججز جي مقرري واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ريفرنڊم گڏيل قومن جو ادارو ئي ڪرائي سگهي ٿو، چيف جسٽس چيو ته گڏيل قومن کي گهرائي وٺو، ريفرينڊم ۾ ماڻهن جي راءِ جو اظهار ٿي ويندو، مون کي معلوم ناهي، رڳو توهان کان پڇان ٿو ته ائين ٿي سگهي ٿو يا نه، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گلگت کي صوبائي حيثيت ڏئي آئيني وهڪري ۾ شامل ڪرڻ چاهيون ٿا پر ڪجهه عالمي ڪنونشنز رنڊڪ بڻيل آهن، چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا وفاقي حڪومت ٺهي وئي آهي؟ وزيراعظم ڪير آهي؟ گلگت بلتستان حڪومت جي وڪيل سعد هاشمي چيو ته حڪومت نه ٺهي آهي، ٻڌو آهي ته 29 فيبروري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته نئين حڪومت ٺهڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي، 3 رڪني بينچ پاران ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

Leave A Comment