ڀارت ثبوتن بنا الزام هنيا، پاڪستان به شملا سميت سمورن معاهدن تي نظرثاني ڪري سگهي ٿو: بلاول

اپريل 29, 2025

اسلام آباد (م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هندستان هٺ ڌرمي تي قائم رهيو ته پاڪستان به شملا سميت سمورن معاهدن تي نظرثاني ڪري سگهي ٿو. هندستان جيڪڏهن دهشتگردي ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جو واحد حل ڳالهيون ئي آهن. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڀارت پهلگام واقعي جي نيوٽرل جاچ تي راضي نه ٿو ٿئي ته هو وائکو ٿي ويندو. اسين رڳو پنهنجي ملڪ مان نه پر پوري خطي مان دهشتگردي جو خاتمو چاهيون ٿا، هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هندستان دهشتگردي واقعن جو فوري الزام پاڪستان مٿان لڳائي ڇڏي ٿو جيڪو ماضي ۾ به ڏٺو ويو آهي. بلاول هندستان طرفان سنڌ طاس معاهدي تي هڪ طرفي قدم کي غيرقانوني ۽ خطرناڪ قرارڏنو، ماضي ۾ جنگين باوجود اهڙا قدم ناهن کنيا ويا. ڪشمير جي تڪرار کي پاڻي سان ڳنڍڻ هندستان جي ڪمزور قانوني پوزيشن کي لڪائڻ جي ڪوشش آهي. هندستان اندروني مسئلن جو ٻوجهه مسلمانن ۽ پاڪستان مٿان وجهي رهيو آهي. ڪشمير ۽ پاڻي بابت هندستان جي قانوني پوزيشن انتهائي ڪمزور آهي.

Leave A Comment