ڀارت جنگ مڙهي ته اها سندس سياسي خودڪشي هوندي، قوم جو هر فرد دفاع لاءِ تيار آهي: سنڌ سرڪار

مَي 1, 2025

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڀارت پاران پاڪستان تي لڳايل الزامن کي  رد ڪندي چيو ته پاڪستان هميشه هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي ۽ تازي واقعي بابت ڀارتي الزام بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن. پريس ڪانفرنس  ڪندي ھن چيو ته پاڪستان جو هن واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، اسان پنهنجي ملڪ ۾ دهشتگرد نيٽ ورڪ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڀارت پاڻ پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي. هن ڀارت تي گڏيل قومن جي قراردادن جي مسلسل خلاف ورزي جو الزام پڻ لڳايو.  ڀارت دنيا کي گمراهه ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ۽ فريب جو سهارو وٺي ٿو ۽ تازو پهلگام واقعو پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن چيو ته هن واقعي جي آزاد، غير جانبدار ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن اصل حقيقتون دنيا آڏو اچي سگهن. هن چيو ته پاڪستان مودي سرڪار جي ڪنهن به سياسي راند کان ڊڄڻ وارو ناهي، ۽ ڪلڀوشن ياديو جهڙي ڀارتي ايجنٽ جي موجودگي ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ٿي. هن پهلگام واقعي کي ڀارت جي سيڪيورٽي ادارن جي مڪمل ناڪامي قرار ڏنو. هن ڀارت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته اها ڀارت جي سياسي ۽ فوجي خودڪشي هوندي. پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي، ۽ اسان جي قوم هميشه پنهنجي  خودمختياري جي دفاع لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ دنيا جي بهترين فوج، بحري ۽ هوائي فوج آهي ۽ قوم جو هر ميمبر مادر وطن جي دفاع لاءِ تيار آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نام نهاد جمهوري ڀارت پاڪستاني ميڊيا هائوسز ۽ يوٽيوبرز کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اظهار جي مڪمل آزادي آهي. هن چيو ته هندستان هن وقت خوف ۾ آهي، ۽ ان جو خوف واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي. سنڌ جي وزير آخر ۾ واضح لفظن ۾ چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي پر پنهنجي خودمختياري ۽ سالميت تي سمجهوتو نه ڪندو. جيڪڏهن سنڌو پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، ته جيئن چيئرمين بلاول ڀٽو چيو هو: ‘جيڪڏهن پاڻي نه وهندو ته رت وهندو.’ هن چيو ته پاڪستان هر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو، اسان ڪمزور نه آهيون، اسان امن چاهيون ٿا.

 

Leave A Comment