ڀارت جو جنگي جنون: ڪراچي، سکر، ڏهرڪي، عمرڪوٽ سميت 24 هنڌن تي ڊرون حملا: 3 شهري شهيد، 4 جوان زخمي: پاڪ فوج 30 ڀارتي ڊرونز تباهه ڪري ڇڏيا

مَي 9, 2025

اسلام آباد/راولپنڊي(نمائندن وٽان + م ڊ) ڀارت جي هڪ ڀيرو ٻيهر کـُليل جارحيت، پاڪستان جي مختلف 24 هندن تي ڊرون حملا، پاڪ فوج ڀارت جا 30 ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا، ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، گجرانوالا، اٽڪ، چڪوال، بهاولپور، رحيم يار خان، گهوٽڪي، سکر ۽ عمرڪوٽ ۾ ڀارتي ڊرون ڪيرايا ويا، لاهور ۾ ڊرون حملي دوران پاڪ فوج جا 4 جوان زخمي، گهوٽڪي ۾ هڪ شهري شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، رپورٽس موجب پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي، تقريبن 36 ڪلاڪن بعد ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ ان وقت وڌي وئي، جڏهن پاران پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ڊرونز حملن جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڪ فوج ڀارت جا 29 اسرائيلي ساخته جي جديد هيروپ ڊرونز کي تباهه ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي علائقي ملير جي وسندي گلشن حديد ويجهو شرافي ڳوٺ ۾ 2 ڊرون تباهه ڪيا ويا، گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏهرڪي/ عادلپور جي ڳوٺ سرفراز لغاري ۾ ڊرون تباهه ڪرڻ بعد ان جي ڪِرڻ سان آبادگار مختيار لغاري شهيد ۽ سندس والد زخمي ٿي پيو، عمرڪوٽ جي علائقي ڇور مياڻو ۾ به ڊرون ڪيرايو ويو، سکر ۽ رحيم يار خان ۾ به ڊرون ڪيرايا ويا. لاهور ۾ 3 ڊرونز ڪرڻ جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار زخمي، والٽن روڊ تي ٻه ۽ هڪ ڊفينس ۾ تباهه ڪيو ويو، راولپنڊي ۾ 3 ڊرونز مان هڪ ريس ڪورس گرائونڊ ۽ هڪ رومي روڊ تي بنگلي ۾ ڪِريو، 2 ڄڻا زخمي ٿيا، گوجرانوالا ۾ 2 ڊرون، شيخوپوره ۾ هڪ، چڪوال، بهاولپور ۾ هڪ هڪ ڊرون ڪيرايو ويو، اٽڪ ۾ ڊرون ڪيرايو ويو، ملبو ڪرڻ سبب محبوب نالي شهري شهيد ٿي ويو، نارووال ۾ شهرين ڊرون کي پڪڙي ورتو، پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارت 7 ۽ 8 مئي جي رات کان اسرائيلي ساخت جا هيروپ ڊرونز اُماڻي رهيو آهي، اُنهن کي سافٽ ڪِل ۽ هارڊ ڪِل هٿيارن سان ڪيرايو ويو، اهو بزدلاڻو حملو ڀارت جي پريشاني ۽ وائڙائپ جي نشاني آهي، ايل او سي تي ڀارت ڳرو نقصان ڀوڳيو ۽ ڀوڳي رهيو آهي، پاڪ فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سندن ارادا ڌوڙ ڪري رهي آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪ فوج پوري طرح تيار ۽ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، ڀارت نه رڳو خطي پر سڄي دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي. ڀارت پاران پاڪستان تي حملن جا الزام لڳائڻ تي ردعمل ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت پنهنجي شهرين ۽ سِکن کي نشانو بڻائي پاڪستان خلاف محاذ ٺاهڻ گهري ٿو، ڀارت جي 15 جاين تي حملن واري خبر ڪوڙ آهي، پاڪستان حملو ڪندو ته دُنيا کي نظر ايندو ۽ اُن جا پڙاڏا به ٻڌڻ ۾ ايندا، اهو ڀارتي ميڊيا کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي، نائب پرڏيهي وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت پاڻ آدم پوره مان راڪيٽ فائر ڪيا هئا، امرتسر ۾ فوجي ٺڪاڻن کي ڀارت پاڻ راڪيٽ وسيلي نشانو بڻايو هو، جيڪا شيءِ پاڪستان ڏانهن ايندي اچي ٿي، اُن تي نظر هوندي آهي، ڀارت ننڍا جهاز اُماڻي سوچيو ته اُهي نظر نه ايندا، اسان ڀارت جا 29 ڊرون جهاز ڪيرائي ڇڏيا، ڊرونز جي ملبي جي فارينزڪ ڪرائي پئي وڃي، پهريان ڀارت پاڻ جهازن جو ملبو ميڙي رهيو هو هاڻ اسان ڊرونز جو ملبو گڏ ڪري رهيا آهيون، پهريان اسان چانهه پيئاري هئي هاڻي چانهه اتي موڪلي آهي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جي ڪيترن ئي ڊرونز حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، 24 هنڌن تي حملن جي ڪوشش ڪئي وئي، ڊرونز سان لاهور ۾ فوجي ٺڪاڻڻ کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ ڊرونز کي فوج تباهه ڪري ڇڏيو، پاڪستان ڀارتي پنجاب ۾ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، ڀارت ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عوام کي گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، اسان جون فوجون مڪمل طور الرٽ آهن، عوام کي مايوس نه ڪنداسين. هوڏانهن سيڪيورٽي ذريعن ڀارتي ميڊيا جي والاريل ڪشمير، پٺاڻ ڪوٽ، راجستان ۾ حملي وارن الزامن کي به رد ڪري ڇڏيو.

Leave A Comment