ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي تي هڪ ٻيو وار: بياس، ستلج ۽ راوي بعد پاڪستان جي حصي واري چناب تي ڊيم جي منظوري

ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي تي هڪ ٻيو وار: بياس، ستلج ۽ راوي بعد پاڪستان جي حصي واري چناب تي ڊيم جي منظوري

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي والاريل جمون ڪشمير ۾ چناب درياءَ تي دلهستي اسٽيج ٽو پن بجلي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڀارتي اخبار دي هندو موجب اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن هلندڙ سال اپريل ۾ پهلگام ۾ ٿيل حملن کان پوءِ انڊيا پاڪستان سان ڏهاڪا پراڻي سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو معطل ڪري ڇڏيو هو. هائيڊرو اليڪٽرڪ پراجيڪٽس بابت ماهرن جي ڪاميٽي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ منعقد پنهنجي 45 هين اجلاس دوران انهي منصوبي جي منظوري ڏني. اجلاس جي ڪارروائي موجب ڪاميٽي انهي ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته جيڪڏهن چناب درياءَ جي طاس جو  پاڻي 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي جي تحت انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ورهايو ويو آهي ۽ انهي منصوبي جا شروعاتي ميٽرز به انهي معاهدي جي روشني ۾ طئي ڪيا ويا هئا پر هاڻ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. پينل پنهنجي رپورٽ ۾ واضح طور تي چيو ته 23 اپريل 2025 کان سنڌ طاس معاهدو معطل آهي جنهن کان پوءِ هاڻ انڊيا انهي خطي ۾ پاڻي جي ذخيرن ۽ بجلي جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان کي سنڌ، جهلم ۽ چناب جي دريائن تي حق حاصل هئا جڏهن ته انڊيا کي راوي، بياس ۽ ستلج جي  پاڻي جي استعمال جو حق ڏنو ويو هو. ڀارتي حڪومت چناب درياءَ تي دلهستي سٽيج ٽو هائيڊرو پاور منصوبي جي حتمي منظوري ڏني جنهن تي پاڪستان کي سخت خدشا آهن. اهو منصوبو ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۾ موجود جمون ڪشمير ۾ تعمير ڪيو ويندو ۽ انهي سان 260 ميگاواٽ تائين بجلي پيدا ڪرڻ جي اميد آهي. انهي منصوبي تي گڏيل لاڳت 3 هزار 277 ڪروڙ 45 لک ڀارتي روپيه خرچ ايندي، انهي تي عملي ڪم ايندڙ سال جي شروعات ۾ شروع ڪرڻ جو امڪان آهي. انهي منصوبي کي ڀارت جي سرڪاري ڪاميٽي ۽ ايچ پي سي لميٽيڊ تيار ڪندي. ماهرن جو چوڻ آهي ته دلهستي سٽيج ٽو منصوبو پاڪستان جي لاءِ دفاعي ۽ تعميراتي لحاظ سان نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو ڇو ته چناب درياءَ پاڪستان جي حصي ۾ ايندڙ دريائن ۾ شامل آهي.